عباسي ابراهيم

عباسي، ابراهيم: کهڙن جي مخدومن مان مخدوم عبدالرحمان کي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دور ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو. ‘تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ’ ۾ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: “مخدوم عبدالرحمان جو خاندان ‘ڪلهوڙا’ هجڻ جو دعويدار آهي، هن خاندان جو پهريون شخص ابراهيم دراصل معتصم بالله (عباسي خليفي) جي دور ۾ ديني علمن جي اشاعت لاءِ سنڌ ۾ آيو، جنهن جو شجرو هن ريت آهي: براهيم بن اسحاق بن معروف بن محمد بن عبدالله بن محمد بن علي بن حضرت عبدالله بن حضرت عباس (سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو چاچو.)” ابراهيم عباسي سنڌ پهتو ۽ ڪلور ۾ مقيم ٿيو جيڪو حيدرآباد جي اتر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي آهي. ابراهيم ڪلور جي ماڻهن کي پنهنجي علمي قابليت سان واعظ ۽ نصيحت ڪندو هو ۽ شرعي احڪامن جي پابند بڻايو، انهي سبب ڪلور جي ماڻهن هن عالم ابراهيم عباسي کي ‘ڪلور وارو ابراهيم’ چوڻ لڳا. ڪلور وارو لفظ گهڻي استعمال سبب اڳتي هلي ‘ڪلهوڙو’ بڻجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو